ادب ٻولي ۽ تعليم - ڪتاب

ادب ٻولي ۽ تعليم - ڪتاب

ادب ٻولي تعليم

ادب ٻولي تعليم (ڪتاب ):هي ڪتاب سنڌ جي نامور ڏاهي ۽ اديب محمد ابراهيم جويي جو لکيل آهي. ڪتاب جو مواد پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ جويي صاحب جي ويچارن، لاڙن ۽ نقطهء نظر جي عڪاسي ٿئي ٿي. ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ ”ادبي سنگت“، ”مهراڻ“ ۽ ”سنڌو“ بابت ڊاڪٽر دائود پوٽي، رحيمداد مولائي شيدائي ۽ احمد بشير جي لکيل مضمونن ۽ ٻين ادب دوستن جا ادبي خط ۽ پڙهندڙن جا پيغام شامل آهن. ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو ”ادبي پڌرناما“ صدارتي خطبا ۽ متفرقه مضمونن تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب جو ٽيون ڀاڱو ٻولي ۽ تعليم تي، جڏهن ته چوٿون ڀاڱو تنقيدي مضمونن، تبصرن ۽ پنجون ڀاڱو ”پيغام ۽ شعر“ ۽ ٻين مختصر انٽرويوز تي مشتمل آهي. مجموعي طرح سائين محمد ابراهيم جويي جو هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي سنجيده ادب جو اهم ورثو آهي. ڪتاب جو پيش لفظ نوجوان ليکڪ جامي چانڊيي لکيو آهي، هيءُ ڪتاب سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد سيپٽمبر 1998ع ۾ شايع ڪيو. ڪتاب جي قيمت 250 رپيا رکيل آهي. هيءُ ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ 588 صفحن تي مشتمل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو